عذرا سرور ڪنڌر

عذرا سرور ڪنڌر

عذرا سرور ڪنڌر

عذرا سرور ڪنڌر: مشهور تعليمدان، اديب،پروفيسر ڊاڪٽر عذرا سرور ڪنڌر جو جنم 28 جنوري 1935ع تي ڪريم بخش چنا جي گهر ۾ شهر پاٽ ضلعي دادو ۾ ٿيو. سندس والـد پنـهنـجـي وقـت جـو مـشـهـور تاريخــدان، تـعـليـمدان، پـروفـيـسر ۽ اسڪالر ٿي گذريو آهي. هن ابتدائي تعليم دادو، پوءِ خانبهادر محمد صديق اسڪول حيدرآباد مان حاصل ڪئي. مئٽرڪ 1968ع ۾ محمدي انگلش ٽـيـچـنگ اسـڪـول حـيـدرآباد، انٽـر 1970ع ۾ بي. اي 1972ع ۾، ماسٽرس پوليٽيڪل سائنس ۾ سنڌ يونيورسٽي مان 1974ع ۾ پاس ڪئي. ان کان سواءِ 1971ع ۾ سي. ٽي، 1978ع ۾ I.R شعبي ۾ سنڌ يونيورسٽي مان ماسٽرس، 1980ع ۾ لا ڪاليج حيدرآباد مان L.L.B ڪيائين. شروع ۾ ڏور اوڀر (فار ايسٽ) ۽ اوڀر ايشيا '>ڏکڻ اوڀر ايشيا (سائوٿ ايسٽ ايشيا) ۾ ريسرچ ايسوسيئيٽ جي نوڪري ملي. 1978ع ۾ I.R شعبي ۾ ليڪچرر ۽ چيئرمئن رهي. University of Leicester مان International Relation and Political Science ۾ پي. ايڇ. ڊي ڪيائين. عذرا سرور، نارٿ آمريڪا جي ٽورنٽو چيپٽر (SANA) ۾ وائيس پريزيڊنٽ 2015ع، WFG (World Finance Organization) ڪئناڊا جي اعزازي ميمبر 2009ع، پاڪستان چين ڪميشن فار پيس ۽ ڊيولپمينٽ جي ميمبر، ايريا اسٽڊي جي بورڊ آف گورنرس جي ميمبر 2003ع ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جي فيڪلٽيز آف سوشل سائنسز جي بورڊ ميمبر رهي چڪي آهي. هن ملڪي توڙي بين الاقوامي ورڪشاپن ۾ حصو پڻ ورتو آهي ۽ انهن پروگرامن ۾ پنهنجا تحقيقي مقالا پڻ پيش ڪيا آهن. عذرا سرور ڪيترن ئي غير ملڪن شام، لبيا، انگلنڊ، سعودي عرب ۽ ڪئناڊا جو دورو ڪيو آهي. هوءَ 2009ع ۾ ڪئناڊا ۾ رهائش پذير ٿي. هن عمري جي سعادت پڻ حاصل ڪئي آهي. سندس لکڻيون ماهوار سرتيون، بختاور، سگهڙين سٿ، هلال پاڪستان وغيره رسالن توڙي اخبارن ۾ شايع ٿينديون آهن. کيس ڪيترائي اوارڊ، شيلڊون ۽ سرٽيفڪيٽ ملي چڪا آهن. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ‘نم جي ڇانوري ۾’ (ناري پبليڪيشن حيدرآباد: 2005ع)، ‘نيل گلن تلي’ (اردو شاعري، انڊس پبليڪيشن: 2002ع) ۽ ‘سون ساريکي سنڌ’ شامل آهن.


لفظ عذرا سرور ڪنڌرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1935.01.28  عيسوي

مشهور تعليمدان، اديب،پروفيسر ڊاڪٽر عذرا سرور ڪنڌر جو جنم 28 جنوري 1935ع تي ڪريم بخش چنا جي گهر ۾ شهر پاٽ ضلعي دادو ۾ ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حڪيم حسين سيوهاڻي
محمد پريل بيدار مڱريو
عبدالرحمان پتافي ضيائي مولانا
احمد شاهه ذاڪري
عالم چانڊيو
ڀڳت ٽيئون رام
ريکا
حال الله ڪلهوڙو ٻيو
سردار سلطان احمد خان
حبيب ميربحر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون